آمريڪا ۾ ڪارگو ٽرين حادثو، 50 ڪوچون پٽڙي تان لهي ويون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ مال بردار ٽرين جون 50 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، مال بردار ٽرين ۾ باهه لڳي وئي، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.ذريعن موجب سخت سرد موسم سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، فائر برگيڊ وٽ پاڻي جميل آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل آمريڪي ڪارگو ٽرين ۾ موجود هو جنهن ۾ 50 بوگيون هيون.واضح رهي ته ڪارگو ٽرين حادثو اوهائيو ۽ پينسلوانيا جي سرحدي علائقي ۾ پيش آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو