واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ۾ مهانگائي ۽ قيمتون تمام گهٽجي ويون آهن.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سچائي سوشل تي هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ خوشحال ٿي چڪو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ رٽائرمينٽ فنڊ وڌيا آهن، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اثرائتي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن.صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪي سرحدون محفوظ آهن، ڏوهن ۽ قتل جي شرح تاريخ ۾ گهٽ ترين سطح تي آهي.










