واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ آئين جي تشريح، ڪانگريس ۽ سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي بحث ٿيڻ لڳو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي سينيٽ جي عدليه بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ جڊيشل ڪميٽي بل سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ تي غور ڪيو.نئون ضابطا اخلاق بل ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ لاڳو ٿيندو، بحث دوران رابطا ڪميٽي آڏو شاهد ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا.رپورٽن مطابق بل جي مخالفن اهڙو بل آڻڻ جي سپريم ڪورٽ جي اختيار تي سوال اٿاريا، جڏهن ته بل جي حمايت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن پاڻ تي اهڙو ڪو به اخلاقي ضابطو لاڳو ناهي ڪيو.










