آمريڪا پاران قطري ايئربيس تي فضائي دفاع لاءِ نئون سيل قائم

آمريڪا پاران قطري ايئربيس تي فضائي دفاع لاءِ نئون سيل قائم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) ۽ علائقائي ڀائيوارن قطر جي العديد ايئربيس ۾ هڪ نئون ڪوآرڊينيشن سيل قائم ڪيو آهي، جنهن جو مقصد فضائي ۽ ميزائل دفاع کي مضبوط بڻائڻ آهي.نئون مڊل ايسٽ ايئر ڊفينس – ڪمبائنڊ ڊفينس آپريشنز سيل (MEAD-CDOC) ڪمبائينڊ ايئر آپريشنز سينٽر (CAOC) ۾ آهي ۽ ان ۾ آمريڪا ۽ علائقائي ڀائيوارن جا اهلڪار شامل آهن.سينٽ ڪام جي بيان ۾ چيو ويو ته قطر ۾ قائم ڪمبائينڊ ايئر آپريشنز سينٽر 20 سال اڳ قائم ڪيو ويو هو ۽ هن وقت اهو 17 ملڪن جي نمائندن تي ٻڌل آهي.ان سينٽر اندر ٺهندڙ نئون سيل علائقائي ملڪن وچ ۾ فضائي ۽ ميزائل دفاع لاءِ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي اهو سيل ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ خطرن بابت وارننگز جاري ڪرڻ جي ذميواري به ادا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو