تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي رياستي ٽي وي بنا ڪنهن ذريعي جي خبر ڏني آهي ته لبنان ۾ حزب الله خلاف اسرائيلي حملن ۽ نيتن ياهو پاران فوج کي سڄي ڏکڻ لبنان ۾ ڦهلائڻ سبب لڳي ٿو ته 8 فيبروري واري جنگبندي جلد ختم ٿيڻ واري آهي. ان کان تسنيم نيوز ايجنسي خبر ڏني هئي ته لبنان ۾ ايران نواز حزب الله خلاف اسرائيلي حملن ۾ واڌ جنگبندي جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ لبنان ۾ جنگبندي تائين ايران آمريڪا سن ٽئين ڌر معرفت هلندڙ ڳالهيون معطل ڪري ٿو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايران جي سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهيون ۽ پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي، پر ڪو واضح نتيجو سامهون اچڻ تائين ان حوالي سان ڪو به فيصلو يا راءِ نٿي ڏئي سگهجي.عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته اسان کي افواهن ۽ اڻپڙهيل ڳالهين (قياس آرائين) کي ڪا به اهميت نه ڏيڻ گهرجي.
اسرائيل کي لبنان ۾ فوجي ڇڪتاڻ گهٽائڻ گهرجي، يورپي يونين
يورپي يونين پڻ انهن مطالبن ۾ شامل ٿي وئي آهي، جن ۾ اسرائيل کان لبنان تي وڌندڙ حملن کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته هن بيروت جي ڏاکڻين مضافات تي وڌيڪ حملا ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. يورپي يونين جي ترجمان انوار العانوني چيو، “اسان اسرائيل کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو لبنان ۾ پنهنجي فوجي ڇڪتاڻ بند ڪري ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري.”
ايران آمريڪي فوج تي 2 ميزائيل فائر ڪيا، جيڪي ناڪام بڻايا
آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ان جي فوجن ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجين کي نشانو بڻائيندڙ ايران جا ٻه بيلسٽڪ ميزائل تباهه ڪري ڇڏيا. سينٽڪام موجب، صبح 03:00 GMT تي ڪيل ميزائل حملا “فوري طور ناڪام بڻايا ويا” ۽ ڪنهن به آمريڪي فوجي کي نقصان نه پهتو. ان کان اڳ ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بقائي چيو هو ته تهران کي انهن علائقائي “فوجي اڏن ۽ اثاثن” تي جوابي حملا ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جيڪي سندس خلاف حملا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. جڏهن آمريڪا ايران جي گورڪ ۽ قشم ٻيٽن تي حملن جي دعويٰ ڪئي.
ايران کي وڌيڪ لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، جاپان
جاپان جي وزيراعظم ساني تاڪائيچي، جاپاني حڪومت موجب، ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته ايران کي آمريڪا سان معاهدي تائين پهچڻ جي موقعي مان فائدو وٺڻ لاءِ “وڌ کان وڌ لچڪ” جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. فون ڪال کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي تاڪائيچي چيو ته هن سختي سان مطالبو ڪيو آهي ته آبنائي هرمز کي جلد ٻيهر کوليو وڃي، ته جيئن ايشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي جهازن لاءِ آزاد ۽ محفوظ سامونڊي آمدرفت يقيني بڻائي سگهجي. تاڪائيچي پزشڪيان جي جواب بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنا، پر هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ به ويجهي رابطي ۾ رهڻ جو عزم ڪيو آهي.
هلندڙ ڳالهين دوران آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا جاري
آمريڪا چيو آهي ته هن هفتي جي آخر ۾ ايران جي راڊار ۽ گرائونڊ ڪنٽرول اسٽيشن تي حملا ڪيا آهن، جڏهن ته تهران جو چوڻ آهي ته هن جواب ۾ هڪ آمريڪي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو. هي هرمز جي چوڌاري هڪ هفتي دوران ٽيون ڄاتل سڃاتل ڇڪتاڻ وارو واقعو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو ته هن “پنهنجي بچاءَ لاءِ حملا” ڪيا، جيڪي سندس چوڻ موجب “ايران جي جارحاڻين ڪارروائين” جي جواب ۾ هئا. آمريڪا دعويٰ ڪئي ته انهن ڪارروائين ۾ بين الاقوامي پاڻيءَ مٿان هڪ آمريڪي ڊرون کي ڪيرائڻ پڻ شامل هو. ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) چيو ته هن هڪ اهڙي هوائي اڏي کي نشانو بڻايو، جيڪو آمريڪي فوجون ڏکڻ ايران تي حملي لاءِ استعمال ڪري رهيون هيون. ٻئي طرف ڪويت چيو ته سندس فضائي دفاعي نظام “دشمنانه” ميزائلن ۽ ڊرونن کي روڪيو. بعد ۾ ڪويت جي پرڏيهي وزارت “ايران جي سنگين ۽ بار بار ٿيندڙ حملن” جي مذمت پڻ ڪئي. سعودي عرب به ڪويت تي ايراني حملي جي مذمت ڪئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر جي صبح پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ پنهنجي ناقدن کي چيو ته “ويهي آرام ڪريو”، ۽ دعويٰ ڪئي ته “آخرڪار سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.” هن وڌيڪ چيو ته ايران “واقعي هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ اهو آمريڪا لاءِ هڪ سٺو معاهدو هوندو.”
ڪنهن به معاهدي لاءِ لبنان ۾ جنگبندي بنيادي شرط آهي، بقائي
ايران جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته لبنان ۾ جنگبندي آمريڪا سان ڪنهن به معاهدي لاءِ اڃا به هڪ اهم شرط آهي اي ايف پي موجب پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته، “اسان ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته لبنان ۾ جنگبندي، جنگ ختم ڪرڻ جي مقصد سان ٿيندڙ ڪنهن به معاهدي لاءِ هڪ بنيادي شرط آهي.” هن اها ڳالهه پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪئي، جڏهن اسرائيل لبنان ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائين کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي. ياد رهي ته لبنان ۾ نيتن ياهو ڏاکڻي حصي ۾ فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو آهي، جتان شيعه آبادي کي نڪري وچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. لبنان ۾ 3200 کان مٿي ماڻهو مارجي چڪا آهن، ۽ اسرائيلي فوج 900 سال پراڻي حويلي تي به قبضو ڪيو آهي، جيڪا صليبي جنگين ۾ اهم مورچي طور استعمال ٿي هئي.
آمريڪا جنگبندي تي عمل نٿو ڪري، محمد باقر قاليباف
ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيل جي جاري جارحيت ۽ آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل سامونڊي ناڪابندي ان ڳالهه جو “واضح ثبوت” آهي ته آمريڪا جنگبندي تي عمل نٿو ڪري. هن ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو، “نسل ڪش صهيوني حڪومت طرفان لبنان ۾ سامونڊي ناڪابندي ۽ جنگي ڏوهن ۾ واڌ، آمريڪا جي جنگبندي تي عمل نه ڪرڻ جو واضح ثبوت آهي.” هن وڌيڪ چيو، “هر چونڊ جي هڪ قيمت هوندي آهي، ۽ آخرڪار ان جو حساب ڏيڻو پوندو. سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي اچي ويندو.”
آمريڪا ۽ ايران ۾ تڪرار نبيرڻ لاءِ پاڪستان ڪوششون جاري رکندو، ڊار
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي تڪرار جو “جامع ۽ پائيدار حل” ڳولڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. يورپي يونين جي اعليٰ سفارتڪار ڪايا ڪالاس سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊار پاڪستان جي ڪوششن بابت يورپي يونين جي “ساراهه ۽ حمايت” تي شڪريو ادا ڪيو. ڊار ڪالاس کي ٻڌايو، “اسان جي ڪوششن جي سڃاڻپ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ۽ اسان تڪرار جو جامع ۽ ڊگهي مدي وارو حل ڳولڻ لاءِ ڪم جاري رکنداسين.”
مون وچ اوڀر ۽ لبنان بابت صدر ٽرمپ سان ڳالهايو آهي، ميڪرون
فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته هن گذريل رات آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ميڪرون ايڪس (X) تي لکيو، “مون انهن جي انهن مضبوط ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي هو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جلد معاهدو ڪرائڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. اهو هڪ منفرد موقعو آهي، جنهن ذريعي سڀني لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪندي هڪ نئون سيڪيورٽي فريم ورڪ تيار ڪري سگهجي ٿو، ته جيئن علائقي ۾ مستقل استحڪام آڻي سگهجي.” هن چيو ته فرانس “انهن ڪوششن جي مڪمل حمايت ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.” ميڪرون وڌيڪ چيو، “اهو ئي ان بين الاقوامي مشن جو مقصد آهي، جيڪو اسان برطانيا ۽ ٻين ڀائيوارن سان گڏ تيار ڪيو آهي، ۽ جيڪو معاهدو ٿيڻ شرط تعينات ٿيڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن آبنائي هرمز ۾ سامونڊي آمدرفت جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.” هن وڌيڪ چيو، “اسين انهن وسيع ڳالهين ۾ به پنهنجو تجربو ۽ صلاحيتون آڻڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪي خاص طور تي ڪنهن به معاهدي جي جوهري پهلو بابت شروع ٿيڻ گهرجن.” ميڪرون ٽرمپ جي “لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت بابت وابستگي” کي به ساراهيو ۽ مضبوط جنگبندي سان گڏ لبناني اختيارين جي گڏيل حمايت جي اهميت تي زور ڏنو.
وچ اوڀر ۾ امن لاءِ يورپي يونين ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڪايا
هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي يورپي يونين جي اعليٰ سفارتڪار ڪايا ڪالاس چيو ته هن ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي ملاقات دوران وچ اوڀر سميت دنيا جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار بابت چيو، “توهان جي حمايت سان هاڻي جنگبندي کي وڌائڻ ۽ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ هڪ نازڪ سفارتي موقعو پيدا ٿيو آهي.” بهرحال، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪنهن به عارضي سمجهوتي کان پوءِ تهران جي جوهري ذخيري ۽ ٻين معاملن بابت وڌيڪ گهريون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته يورپي يونين “هڪ پائيدار ۽ پرامن حل” ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن لاءِ وٽس “اقتصادي اثر رسوخ، جوهري معاملن بابت سالن جي مهارت، خليج جي ملڪن سان پراڻا لاڳاپا ۽ خود ايران سان سڌو رابطو” موجود آهي. هن آخر ۾ چيو، “منهنجي خيال ۾ يورپي يونين ڪنهن به ممڪنه معاهدي کي ڊگهي مدي تائين قائم رکڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.”
معيشت جي بحاليءَ لاءِ آمريڪي پابندين جو خاتمو ضروري آهي: شامي صدر
شامي صدر احمد الشرع جو چوڻ آهي ته شامي معيشت جي بحاليءَ لاءِ آمريڪي پابندين جو خاتمو ضروري آهي. شامي صدر ان خيالن جو اظهار آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي رابطي دوران ڪيو.
اسرائيل جو ڏکڻ لبنان تي فضائي حملو، 3 عورتن سميت وڌيڪ 8 ڄڻا شهيد
ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت اٺ ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. لبنان جي صحت وزارت ٻڌايو آهي ته ڏکڻ لبنان جي ضلعي نبطيه تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ اٺ ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويٺا آهن، جن ۾ ٽي عورتون به شامل آهن. هن حملي ۾ اڻويهه ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن ۾ پنج ٻار ۽ ڇهه عورتون شامل آهن. زخمين کي ويجهن طبي مرڪزن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. وزارتِ صحت هن حملي کي عام قتلِ عام قرار ڏيندي چيو آهي ته شهري آباديء کي نشانو بڻائڻ انتهائي تشويش جوڳو عمل آهي. اهو حملو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن اسرائيل لبنان ۾ پنهنجي فضائي ڪاررواين ۽ زميني فوجي آپريشن ۾ تيزي آڻي رهيو آهي، جنهن جي ڪري خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي.
ايراني سمنڊ ۾ قائم ٽن پيداواري پليٽ فارمن تان گيس جي پيداوار ٻيهر بحال
ايران ڏکڻ پارس گيس فيلڊ ۾ واقع سمنڊ ۾ قائم ٽن پيداواري پليٽ فارمن تان گيس جي پيداوار ٻيهر بحال ڪري ڇڏي آهي. پارس تيل ۽ گيس ڪمپني جي سربراهه سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته انهن تنصيبات (مرڪزن) تي مارچ ۾ اسرائيل حملو ڪيو هو، پر حملن دوران اهي ٽئي پليٽ فارم ڪنهن به قسم جي نقصان کان محفوظ رهيا هئا. انهن پليٽ فارمن مان حاصل ٿيندڙ گيس کي عارضي طور تي خطي ۾ موجود ٻين پروسيسنگ مرڪزن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته متاثر ٿيل تنصيبات جي مرمت جو ڪم به جاري آهي. مارچ جي وچ ڌاري اسرائيلي فوج ڏکڻ پارس گيس فيلڊ کي نشانو بڻايو هو، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي قدرتي گيس جي ذخيري جو حصو سمجهيو ويندو آهي.ان حملي کانپوءِ ايران جوابي ڪارروائي ڪندي خطي جي مختلف حصن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي تي ميزائلن ۽ ڊرون جهازن ذريعي حملا ڪيا هئا، جنهن سان علائقائي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو هو.










