آمريڪا سان ڳالهين لاءِ ايران پاران نيون تجويزون پاڪستان حوالي

آمريڪا سان ڳالهين لاءِ ايران پاران نيون تجويزون پاڪستان حوالي

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب آمريڪا سان ڳالهين لاءِ پاڪستان ذريعي نيون تجويزون پيش ڪيون آهن. ايران سرڪاري خبر ايجنسي IRNA موجب، آمريڪا سان ڳالهين لاءِ پاڪستان کي ثالث طور استعمال ڪندي نيون تجويزون موڪليون آهن. “اسلامي جمهوريه ايران خميس جي شام پنهنجي تازي ڳالهين واري تجويز جو متن پاڪستان کي ڏنو، جيڪو آمريڪا سان ڳالهين ۾ ثالث آهي، حوالي ڪيو.”

امن ڳالهين ۾ پاڪستاني ڪردار جي ترڪيه پاران واکاڻ

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير عرفان نيذيروگلوIrfan Neziroğlu نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. “ملاقات دوران، سفير، وزيراعظم رجب طيب اردوان جي طرفان پاڪستان جي وچ اوڀر علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن جي واکاڻ ۽ حمايت جو پيغام ڏنو.” بيان موجب اسحاق ڊار علائقي ۾ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم کي ٻيهر ورجايو. “ويجهي هم آهنگي ۽ باقاعده اعليٰ سطحي رابطن جي واکاڻ ڪندي، ڊار پاڪستان-ترڪي اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو.

پينٽاگون جو 7 اي آءِ ڪمپنين سان معاهدا

پينٽاگون چيو آهي ته هن 7 اي آءِ ڪمپنين سان معاهدا ڪري ورتا آهن ته جيئن انهن جون جديد صلاحيتون دفاعي کاتي جي خفيه نيٽ ورڪن تي لاڳو ڪيون وڃن، جيئن فوج سان ڪم ڪندڙ اي آءِ ڪمپنين جو دائرو وڌايو وڃي. رائٽرز موجب بيان ۾ خاص طور تي اينٿروپڪ کي شامل نه ڪيو ويو آهي، جيڪا فوج طرفان پنهنجي مصنوعي ذهانت جا اوزار ڪيئن استعمال ڪيا وڃن، ان بابت حفاظتي حدن (گارڊ ريلز) تي پينٽاگون سان تڪرار ۾ رهي آهي. پينٽاگون هن سال جي شروعات ۾ هن اي آءِ اسٽارٽ اپ کي، جيڪا دفاعي کاتي ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿئي ٿي، سپلائي چين لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ ان جي استعمال تي پينٽاگون ۽ ان جي ٺيڪيدارن لاءِ پابندي لڳائي هئي. اميزون، مائيڪرو سافٽ، رفليڪشن، نويڊيا، گوگل، اوپن اي آءِ، اسپيس ايڪس ۽ ويب سروسز مان گهڻيون ڪمپنيون اڳ ۾ ئي پينٽاگون سان ڪم ڪري رهيون آهن. پينٽاگون پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سندن امپيڪٽ ليول 6 ۽ 7 نيٽ ورڪ ماحول ۾ شامل ڪيو ويندو، جنهن سان فوج جي وڌيڪ حصي کي انهن جي پراڊڪٽس تائين رسائي ملندي.

لبنان تي اسرائيلي حملن ۾ 2 شهري مارجي ويا

لبنان جي سراڪاري نيوز ايجنسي، نيشنل نيوز ايجنسي خبر ڏني آهي ته ڏکڻ وارن شهر دير قانون راس العين تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا آهن. ايجنسي وڌيڪ ٻڌايو ته الڳ الڳ حملاحبوش، ڪفر،ٽائر،۽مجدل زون جي ڀرپاسي علائقن تي پڻ ڪيا ويا. ٻئي پاسي لبناني صدر جوزف عون ، سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي ڪيل هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هن لبنان ۾ مقرر آمريڪي سفيرمائيڪل اِسا Michel Issa سان جنگبندي بابت ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، خاص طور تي جنگبندي ۽ شهري آبادي ۽ ڍانچي (انفراسٽرڪچر) کي نشانو بڻائڻ بند ڪرڻ بابت ڳالهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو