شيخوپورا (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ باغي ميمبرن کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان هاڻ چورن سبب عظيم ۽ خود دار ملڪ نٿو بڻجي سگهي، اسان به چاهيون ٿا ته آمريڪا سان دوستي هجي پر غلامي نٿا چاهيون.شيخوپورا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڪجهه ماڻهن سان گڏ 26 سال اڳ سياست جي شروعات ڪئي، اڄ تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي چڪي آهي، ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪو به لوٽو نٿو ڪري سگھي، ڇو ته لوٽن ۾ جنون ناهي هوندو، انهن تي رڳو نوٽ خرچ ڪيا پيا وڃن پر ٽيم بڻجي نڪرو ته ڪير تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ اميدوارن کي نٿو هارائي سگھي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل ڌر آهي، جيڪا حمزا شهباز سان گڏجي لوٽن کي اليڪشن کٽرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر حمزا شهباز ٻڌي وٺي! پاڪستان جو عوام فيصلو ڪري چڪو آهي ته امپورٽڊ حڪومت، آمريڪي سازش ۽ پاڪستان جا سمورا لوٽا نامنظور آهن.اڳوڻي وزيراعظم هاڻوڪي حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته مهانگائي جي ڪري هاري گھڻو پريشان آهي ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سبب صنعتون بري طرح متاثر ٿي رهيون آهن، اولهه بئنڪن ۽ آف شور ڪمپنين ۾ انهن چورن جا پئسا آهن، جنهن کي بچائڻ لاءِ هي اين آر او وٺي رهيا آهن.عمران خان دعويٰ ڪئي ته آصف زرداري ۽ شريف خاندان پنهنجي پئسي کي بچائڻ لاءِ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي قربانين کي نظرانداز ڪري ڀارت کي به خوش ڪرڻ لاءِ تيار آهن، هي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهن جيئن پنهنجو پئسو بچائي سگھن، زرداري ۽ نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا، دنيا جي ڪنهن ملڪ جو قانون اهڙي قسم جي حملن جي اجازت نٿو ڏئي.هن موجوده حڪومت کي امپورٽڊ قرار ڏيندي چيو ته اڄ پاڪستان خود دار ملڪ ناهي بڻجي سگھيو ته ان چورن جي ڪري، جيڪي پاڻ کي پينو چوندا آهن، مان به آمريڪا سان دوستي ڪرڻ چاهيان ٿو پر غلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اهڙي طرح ڀارت سان به دوستي ۽ سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڪشميرين جو رت وڪڻي نه، جيڪڏهن ڪشميرين تي ظلم ٿي رهيو آهي ته مان ڪڏهن به ڀارت سان دوستي نه چاهيندس.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڪير ٿيندو آهي اسان کي روس کان تيل خريداري کان روڪڻ وارو، ڀارت ته آمريڪا جو اتحادي آهي، ان باوجود ڀارت پنهنجي ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ روس کان 30 کان 40 سيڪڙو سستو تيل خريد ڪري رهيو آهي پر آمريڪي غلام چيري بلاسم روس کان تيل خريدڻ جي جرئت ئي ناهي ڪئي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جو نالي ٻڌي اهي ڊڄي ويندا آهن.عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ ڪو شخص ضمانت تي هجي ته ان کي اتي چپڙاسي به ناهي رکيو ويندو پر اسان جي ملڪ ۾ هڪ ڏوهاري کي وزيراعظم بڻايو ويو.










