آمريڪا: اڳوڻي فوجي جي چرچ تي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

آمريڪا: اڳوڻي فوجي جي چرچ تي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

نيوجرسي (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست مشي گن ۾ اڳوڻي سامونڊي سپاهي چرچ تي حملو ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ اڳوڻي آمريڪي ميرين پاران چرچ تي حملي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا.پوليس چيو ته حملي آور فائرنگ جي تبادلي ۾ مارجي ويو.پوليس وڌيڪ چيو ته حملي آور پنهنجي ڪار چرچ جي دروازي سان ٽڪرائڻ کان پوءِ رائفل سان فائرنگ ڪئي ۽ عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي.آمريڪي اختيارين موجب، حملي آور جي سڃاڻپ 40 سالن جي ٿامس جيڪب سينفورڊ جي نالي سان ڪئي وئي آهي.آمريڪي فوجي رڪارڊ موجب، حملي آور سينفورڊ 2004 کان 2008 تائين آمريڪي ميرين ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ عراق جنگ جو حصو پڻ هو.پوليس چيو ته حملي آور جي فائرنگ ۾ 2 ماڻهو موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته چرچ مان 2 وڌيڪ سڙيل لاش هٿ ڪيا ويا.اختيارين موجب، حملي آور باهه شروع ڪرڻ لاءِ پيٽرول استعمال ڪيو ۽ واقعي واري هنڌ تي ڌماڪيدار مادو پڻ مليو.ايف بي آءِ واقعي کي ٽارگيٽيڊ تشدد قرار ڏنو. واقعي وقت چرچ ۾ سوين ماڻهو موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو