جنيوا(ويب ڊيسڪ)ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب ايٽمي معاملي تي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ”بالواسطه“ ڳالهين جو ٻيو دور جنيوا ۾ پڄاڻي تي پهتو آهي. اطلاعن موجب ايراني وفد ڳالهين واري هنڌ تان روانو ٿي ويو آهي. اتي موجود صحافين جو چوڻ آهي ته آمريڪي وفد ان عمارت ۾ داخل نه ٿيو جتي عمان جو پرڏيهي وزير ۽ ايراني ٽيم موجود هئا. ايراني وفد گڏيل قومن ۾ عمان جي سفير جي رهائشگاهه تي موجود هو. ايراني ذريعن مطابق ايراني وفد ڳالهين جي عمل کان مطمئن آهي ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿيو ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنئي جو اهو بيان سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو ته ’آمريڪا ايران کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.‘ آمريڪا پاران جهاز بردار بحري ٻيڙو موڪلڻ جو حوالو ڏيندي خامنئي زور ڀري چيو ته ”بحري ٻيڙو بيشڪ هڪ خطرناڪ هٿيار آهي، پر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هٿيار اهو آهي جيڪو ان کي سمنڊ جي ۾ ٻوڙي سگهي.“ ايراني خابرو اداري تسنيم نيوز ايجنسي موجب خامنئي وڌيڪ چيو ته ”ايجنٽن کان سواءِ سڀ متاثر ۽ مارجي ويل ايران جا فرزند آهن.“ اها ڳالهه ان ملاقات دوران ٿي جنهن ۾ سپريم ليڊر اڱاري ڏينهن اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 18 فيبروري 1978 تي تبريز جي عوام جي بغاوت جي سالگرهه جي موقعي تي هزارين ايرانين سان ملاقات ڪئي. هڪ سينيئر ايراني عملدار اڱاري ڏينهن خابرو اداري رائٽرزکي ٻڌايو ته جنيوا ۾ اثرائتي جوهري ڳالهين کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايران تي لڳل پابنديون هٽائڻ ۽ غير حقيقي مطالبن کان پاسو ڪرڻ بابت آمريڪا جي سنجيدگي ضروري آهي. ايراني نشرياتي اداري ٻڌايو آهي ته آمريڪي وفد عمان جي پرڏيهي وزير ۽ انٽر نيشنل اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل سان ملاقات ڪئي، ۽ انهن ملاقاتن ذريعي ڳالهين جو هي دور ”ٽيڪنيڪي مرحلي“ ۾ داخل ٿي ويو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته ايراني وفد ڳالهين لاءِ ويندو ۽ هن واضح ڪيو ته بالواسطه ڳالهين جي هن دور جو موضوع جوهري فائيل هو.
آمريڪا سان ڳالهين جو ٻيو دور پهرين کان وڌيڪ مثبت رهيو: عباس عراقچي
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايراني ٽيليويزن کي ٻڌايو ته آمريڪا سان ڳالهين جو ٻيو دور پهرين دور کان وڌيڪ مثبت هو.هن چيو ته ڳالهيون ڪافي سنجيده هيون’ ۽ ‘وڌيڪ تعميري ماحول هو’ ۽ ‘مختلف خيال پيش ڪيا ويا ۽ سنجيدگي سان بحث ڪيو ويو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ‘رهنمائي اصولن تي هڪ عام معاهدو ٿيو آهي، ۽ انهن اصولن جي بنياد تي اسان هڪ متن لکڻ شروع ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته هي ڪم فوري طور تي مڪمل نه ٿيندو، پر ايران ان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. بهرحال، “ايندڙ دور لاءِ ڪو خاص وقت مقرر نه ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ممڪن معاهدي جي متن تي ڪم ڪيو وڃي، پوءِ اهڙي متن جي تبادلي ڪئي وڃي ۽ پوءِ ٽئين دور جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي.عباس عراقچي چيو ته مجموعي طور تي ڳالهين جي هن دور ۾ “گذريل سيشن جي مقابلي ۾ سٺي ترقي ڪئي، ۽ هاڻي اسان وٽ اڳتي وڌڻ جو هڪ واضح رستو آهي، جيڪو مثبت آهي.”










