ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير ملاقات ڪئي، آڊٽ پيراز بابت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ بيڪ لاگ ڪليئر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ملاقات دوران مڪاني ادارن جي آڊٽ کي بهتر بڻائڻ تي اتفاق، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آڊٽ ۾ ننڍن اشوز تي آڊٽ پيراز ٺاهڻ کان بهتر آهي ته آڊٽ جي وڏن مسئلن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي، صوبائي حڪومت اندروني طور آڊٽ جي طريقيڪار کي بهتر بڻايو آهي، آڊٽ جي نظام کي آٽوميٽيڊ بڻايو پيو وڃي ته جيئن صحيح نموني نگراني ٿي سگهي. وڏي وزي ٻڌايو ته لڳڪل باڊيز جي ملازمن جي پگهار اڪائونٽنٽ جنرل ذريعي ڏيڻ جو نظام شروع ڪري رهيا آهيون. هن وقت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ 2016 ۽ 17 بابت معاملا غور هيٺ آهن. اسين ملازمن جي اي سي آر ۾ آڊٽ ڪرائڻ جو شرط به شامل ڪريون پيا. ملاقات دوران ناڻي کاتي جي سيڪريٽري آگاهي ڏيندي چيو ته سجاول ضلعي کي اڃا تائين آڊيٽر جنرل جي نظام ۾ نه ڳنڍيو ويو آهي، آڊيٽر جنرل طرفان سجاول جو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.










