اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي شرطن تي عملدرآمد ڪندي ايف بي آر سرڪاري آفيسرن جي اثاثن تائين بئنڪن جي رسائي جا انگ اکر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ايف بي آر جي مراسلي موجب اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي سهولتڪاري جي روڪٿام جي مقصدن لاءِ بئنڪن کي هڪ مخصوص ڊيجيٽل پورٽل ذريعي گريڊ 17 کان 22 جي سرڪاري عهديدارن جي اثاثن جي گوشوارن تائين رسائي فراهم ڪئي پئي وڃي. آئي ايم ايف جي بينچ مارڪ جي شق 38 (ايف) تحت ايف بي آر لاءِ جون 2026 تائين پنهنجي ويب سائيٽ تي ان رسائي جا انگ اکر شايع ڪرڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن شفافيت کي هٿي ملي سگهي ۽ بئنڪن ۾ ان سهولت بابت آگاهي پيدا ٿئي. ڊسمبر 2025 کان مئي 2026 تائين بئنڪن پاران موصول ٿيندڙ درخواستن ۽ انهن جي منظوري يا رد ٿيڻ جا تفصيل ايف بي آر جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيا ويندا. 6 مهينن جي عرصي ۾ گڏيل طور تي 2,628 درخواستون موصول ٿيون، انهن درخواستن مان 2,205 منظور جڏهن ته 423 رد ڪيون ويون.










