اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته جمهوري انداز اهوئي آهي ته ڳالهين ذريعي معاملا حل ٿين، وزيراعظم ”ميثاقِ استحڪامِ پاڪستان“ ڪرڻ جو چيو هو ۽ اها آڇ اڃا به برقرار آهي، وزيراعظم جي آڇ کي مڃيو وڃي، اسان هر قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ميڊيا سان گفتگو ڪندي رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته سياسي ڊائلاگ لاءِ پي ٽي آئي ٻڌايو آهي ته اسان جي جماعت ۾ ان تي مشاورت جاري آهي، اپوزيشن چيو ته پاڻ ۾ مشاورت ڪرڻ کانپوءِ اسان حڪومت کي آگاهه ڪنداسين.رانا ثناءُ الله چيو ته فيلڊ مارشل جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان تي اپوزيشن به ساٿ ڏنو، اسان اپوزيشن کي اڃا به سياسي مشاورت جي آڇ ڪريون ٿا. رانا ثناءُ الله چيو ته فاٽا ۽ پاٽا جي حوالي سان اپوزيشن وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، وزيراعظم جي هدايت تي اڄ وفد گڏجي ويهي ڳالهايو آهي، ناڻي واري وزير واعدو ڪيو آهي ته آئي ايم ايف (IMF) سان ڳالهائي ٽيڪس معاملن کي حل ڪرايو ويندو، جيڪا ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿي رهي آهي ڪوشش آهي ته آئي ايم ايف سان ڳالهائي ان کي اڳتي وڌايو وڃي. رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان کي جيڪڏهن ڪي خدشا آهن ته ڪوشش ڪنداسين ته شڪايتون دور ڪيون وڃن، مولانا باني (عمران خان) جي آزاديءَ جو چيو آهي، پر هن وقت اهو معاملو عدالت ۾ آهي، مولانا آزاديءَ جو مطالبو ڪيو پر ان ۾ اسان جو ڪو تعلق ناهي، ان جو فيصلو عدالت ئي ڪندي، بانيءَ جي صحت جي بهتريءَ لاءِ سٺا ۽ اعليٰ ماهر موجود آهن.










