پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عوام ۾ بدگمانيون پيدا ڪندڙ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي تبديليءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڊاڪٽرن جي ڀرتين ۾ شڪايتون سامهون آيون آهن پر صحت واري وزير ٻڌايو ته سڀ ڪجهه شفاف طريقي سان ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت سٺو بجيٽ پيش ڪيو، عوام ۾ بدگمانيون پيدا ڪندڙ وڏي وزير جي تبديليءَ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پي ٽي آئي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي سان گڏ پارٽي جا ميمبر آهن، اختلافِ راءِ ضرور آهي پر وڏي وزير خلاف ڪو بلاڪ ناهي ٺهيو. هن جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور عمران خان جي هدايت تي پاڻ استعيفيٰ ڏني هئي ۽ هو اهڙو ڪو به ڪم ناهي ڪري رهيو جنهن سان پارٽي کي نقصان پهچي.










