آغا سراج دراني جي يوسف مستي خان جي رهائشگاهه تي آمد،تعزيت

آغا سراج دراني جي يوسف مستي خان جي رهائشگاهه تي آمد،تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني مشهور سياستدان يوسف مستي خان جي رهائشگاهه تي پهچي ڪري يوسف مستي خان جي لاڏاڻي تي ان جي حاحبزادن خرم مستي ۽ بالاج مستي خان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يوسف مستي خان هڪ اصولي سياستدان هو، هن سڄي عمر جمهوري جي هٿي ۽ بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، هو عوامي ورڪرز پارٽي جي پليٽ فارم تان آخري عمر تائين مصروف عمل ۾ رهيو، وقتي گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ان جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيڻ وارو خلا وڏي عرصي تائين ڀرجي نٿو سگهي. وقتي گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي. آمين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو