ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاهور ۾ ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آصف زرداري ايندڙ هفتي لاهور پهچندو جتي هو ڊگهي عرصي تائين ترسندو.ذريعن موجب اڳوڻو صدر لاهور ۾ تنظيمي عهديدارن سان گڏوگڏ اهم سياسي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪندو.










