اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آصف علي خان دراني کي افغانستان لاءِ پاڪستان جو خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي.رپورٽن مطابق آصف علي دراني کي وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان مقرر ڪيو ويو آهي.پرڏيهي وزارت آصف علي دراني جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ان کان اڳ آصف علي دراني ايران، افغانستان ۽ ابوظهبي ۾ پاڪستان جي سفارتي مشن جو سربراهه به رهيو آهي.










