آسٽريلوي ماڊل دماغ جي ناڪام سرجري کانپوءِ فوت

آسٽريلوي ماڊل دماغ جي ناڪام سرجري کانپوءِ فوت

ميلبورن (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي ماڊل لوسي مارڪووچ، جيڪا معروف بين الاقوامي برانڊز ورسيس ۽ ارماني سان تعاون ڪرڻ کان پوءِ شهرت حاصل ڪئي، 27 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، لوسي مارڪووچ تازو ئي دماغ جي سرجري ڪرائي هئي، سرجري جي پيچيدگين 27 سالن جي ماڊل جي زندگي کسي ورتي.ميڊيا رپورٽن موجب، لوسي آسٽريليا جي ٽاپ نيڪسٽ ماڊل هئي.لوسي مارڪووچ جي خاندان ماڊل جي موت جو اعلان ڪندي چيو ته لوسي جي دماغي انيوريزم جي ڪري سرجري ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو