اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ جاري بيچيني ڪشمير ڪاز ۽ پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اها صورتحال دشمن عناصر، ڀارت اسرائيل ڳٺ جوڙ کي پنهنجي مقصد جي لاءِ فائدو کڻڻ جو غير ضروري موقعو فراهم ڪري رهي آهي.هن احتجاج پرامن طور تي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته سمورين سياسي شڪايتن ۽ اختلافن جو حل جمهوري، آئيني ۽ پرامن ذريعن کان ڪڍڻ گهرجي. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کان به اڳ جاري چونڊ شيڊول واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي.بلاول ڀٽو چيو ته اسان سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻڌڻي هيٺ شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽروٿ اينڊ ريڪنسيلي ايشن ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. بلاول چيو ته وفاقي حڪومت سميت سموريون ڌريون متفق ٿين ته آزاد ڪشمير حڪومت احتجاج ڪندڙ پارٽين بابت جاري نوٽيفڪيشن جو جائزو وٺي سگهي ٿي، پر عزم آهيون ته جن ماڻهن غلط ڪم ناهي ڪيو ته انهن کي ٻين جي قدمن جا نتيجا نه ڀوڳڻا پون.ايران آمريڪا معاهدي جي امڪانن تي بلاول ڀٽو چيو ته اسلام آباد معاهدي تي صحيحن جو وقت ويجهو اچڻ تاريخي لمحو آهي. عالمي ڌيان مضبوطي سان پاڪستان تي رکيل آهي.










