لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي وسطي پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پيپلز پارٽي جي حق ۾ آواز بلند ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اتي پي پي جي حڪومت قائم ٿيندي. گورنر هائوس لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان وفاق ۾ اتحادين سان ڪو تڪرار نٿا چاهيون، سياست ۾ معمولي نوڪ جهوڪ هلندي رهندي آهي. ان موقعي تي پي پي اڳواڻ حسن مرتضيٰ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته روزاني جي بنياد تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌائي عوام جي ساهي سڪائي وئي آهي. هن چيو ته مقامي هارين کي ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ پئسا ناهن، پر ٻاهرين ملڪن مان ڪڻڪ گهرائي هارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪنوينشن جي پڄاڻي تي صدر آصف علي زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شاندار آتش بازي پڻ ڪئي وئي.










