آزاد ڪشمير چونڊ شيڊيول جاري،فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 23 جون مقرر

آزاد ڪشمير چونڊ شيڊيول جاري،فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 23 جون مقرر

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمو ۽ ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن نئون چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 23 جون مقرر ڪئي وئي. پڌرنامي موجب نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ (جانچ پڙتال) 24 جون تي صبح 8 وڳي کان ٿيندي ۽ صحيح اميدوارن جي فهرست به 24 جون تي ئي جاري ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب، ريٽرننگ آفيسر (آر او) جي فيصلن خلاف اپيلون 25 کان 28 جون تائين دائر ڪري سگهبيون، اليڪشن ڪميشن اپيلن تي ٻڌڻي 29 ۽ 30 جون تي ڪندي، جڏهن ته اپيلن تي فيصلا يڪم (پهرين) ۽ 2 جولاءِ تي ٻڌايا ويندا. آزاد ڄمو ۽ ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 3 جولاءِ ٻپهري جو 2 وڳي مقرر ڪئي وئي آهي، اميدوارن جي فهرست 4 جولاءِ تي شايع ڪئي ويندي، چونڊ نشان 5 جولاءِ تي الاٽ ڪيا ويندا ۽ آخري اميدوارن جي فهرست چونڊ نشانن سان گڏ 5 جولاءِ تي ئي جاري ٿيندي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي عام چونڊن لاءِ پولنگ 27 جولاءِ تي ٿيندي، پونڇ (راولا ڪوٽ) جا اميدوار نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل آر او وٽ جمع ڪرائيندا ۽ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ به ضلع پونڇ (راولا ڪوٽ) ۾ ئي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب، اميدوارن جي درخواست تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، عوامي سهولت ۽ اميدوارن جي تجويزن کي نظر ۾ رکندي شيڊول ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، اميدوار مقرر ٿيل تاريخ ۽ وقت اندر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ يقيني بڻائين.

پهنجو تبصرو موڪليو