آزاد ڪشمير ،تڪ ايل اي 15 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع

آزاد ڪشمير ،تڪ ايل اي 15 ۾ ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي تڪ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع ٿي وئي آهي، پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس جي نااهلي سبب خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.رپورٽن مطابق ننڍي چونڊ ۾ 18 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي ڪرنل ضمير، پ پ جي ضياءَ قمر ۽ مسلم ليگ ن جي مشتاق منهاس وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.تڪ ۾ ڪل ووٽن جو انگ هڪ لک هڪ هزار 145 آهي، جنهن ۾ مردن جي ووٽن جو انگ 53 هزار 107 ۽ عورتن جي ووٽن جو انگ 48 هزار 38 آهي.باغ 2 ايل اي 15 ۾ گذريل چونڊن دوران پيپلز پارٽي جو اميدوار سردار ضياءُ قمر 14 هزار 781 ووٽ کڻي ٻئين ۽ مسلم ليگ ن جو مشتاق منهاس 11 هزار 215 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.هن تڪ تان سردار تنوير الياس 20 هزار 10 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.هن تڪ ۾ 191 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ مردن لاءِ 61 ۽ عورتن لاءِ 57 پولنگ اسٽيشنون شامل آهن، جڏهن ته 73 گڏيل پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو