لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ سلمان اڪرم راجا کي آزاد اميدوار قرار ڏيڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندي،سلمان اڪرم راجا بيلٽ پيپر تي پي ٽي آءِ اميدوار جي داخلا جو حڪم ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي،گذريل ڏينهن سلمان اڪرم راجا اليڪشن ڪميشن جي پاڻ کي آزاد اميدوار طور اعلان ڪرڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو،سندس وڪيل سميرا کوسا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 1996ع کان اليڪشن ڪميشن ۾ سياسي پارٽي طور رجسٽرڊ آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سلمان اڪرم راجا اين اي 128 تان پي ٽي آءِ جو حمايتي اميدوار آهي،درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي چونڊ نشان واپس ورتو ويو، پارٽي اڃا تائين موجود آهي.










