آزادي هڪ نعمت آهي اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي: سراج دراني

آزادي هڪ نعمت آهي اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي: سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي احاطي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي اسيمبلي جي ميمبرن شرميلا فاروقي ، منگلا شرما، رعنا انصار، شهانه اشعر، ذوالفقار علي شاهه، ڄام شبير، سيڪريٽري اسيمبلي غلام عمر فاروق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وقتي مقرر گورنر سنڌ آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته وطن عزيز کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي بزرگن بيشمار قربانيون ڏنيون. هن چيو ته آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ اسيمبلي کي نمايان مقام حاصل آهي، هن اسيمبلي جو اجلاس هلائيندي فخر محسوس ڪندو آهيان ڇو ته هتي قائد اعظم گورنر جنرل جو حلف کنيو هو ۽ لياقت علي خان قومي جهنڊو لهرايو هو. هن چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن اسان کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آهي. تنهنڪري سموريون سياسي جماعتون اختلاف وساري هن ملڪ جي لاءِ سوچين ڇو ته جيڪڏهن فاصلا گهٽ نه ٿيا ته اسان جو ئي نقصان ٿيندو. وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني چيو ته گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي پاڪستان جي باني جي افڪار تي عمل پيرا ٿي ڪري پنهنجا سمورا اختلاف وساري هڪ متحد قوم جي حيثيت سان اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي. وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني وڌيڪ چيو ته اسان کي قومي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اتحاد، هم آهنگي ۽ مڪمل هڪجهڙائي سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ اسان کي جشن آزادي جي موقعي تي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اسان منظم ، متحد ۽ مهذب قوم آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو