ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) اوٻاوڙو پوليس پاران کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ عورتن کي گرفتار ڪرڻ واري واقعي خلاف ايس يو پي ۽ سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج . ڊاڪٽر ميھر چندغلام مصطفي ميراڻي عبدالفتاح مغلبشير ميراڻي ايس يو پي اڳواڻ ظريت بجاراڻي شاهنواز مرھٽو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين اوٻاوڙي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايس ايڇ او اوٻاوڙو پرامن احتجاج ڪندڙ سنڌ جي نياڻين مٿان وحشياڻو تشدد ڪري نياڻين جي ھٿن ۾ ھٿڪڙيون ھڻي سنڌ جي غيرت کي لڄايو ويو آھي تنھن عمل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي انھن سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته اوٻاوڙي واقعي جو فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اوٻاوڙو پوليس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سنڌي عوام روڊن رستن تي احتجاج نڪري پوندا۔










