آزادي لکين مسلمانن جي قربانين، عزم ۽ اتحاد جي داستان آهي، هاشمي

آزادي لکين مسلمانن جي قربانين، عزم ۽ اتحاد جي داستان آهي، هاشمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي گورنر هائوس ۾ رٿيل جشنِ آزادي مشاعري کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي آزادي لکين مسلمانن جي قربانين، عزم ۽ اتحاد جي داستان آهي. هن چيو ته اسان جي بزرگن جان، مال ۽ گهرن جون قربانيون ڏئي اسان کي آزاد وطن عطا ڪيو.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح بيماري جي باوجود آزادي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان جي آزادي واري جدوجهد ۾ شاعرن ۽ اديبن پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو.گورنر سنڌ چيو ته قائداعظم جي خواب جي تعبير هر گهر ۾ تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي آهي. هن چيو ته ادبي محفلون نئين نسل کي آزادي جي جدوجهد ۽ قربانين کان روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.هن وڌيڪ چيو ته آزادي جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو شعور ايندڙ نسل تائين منتقل ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. پاڪستان جي ترقي، امن ۽ خوشحالي لاءِ هر شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.مشاعري ۾ جاويد صبا، انور شعور، اختر سعيدي، اقبال خاور ۽ ڊاڪٽر اقبال پيرزاده شرڪت ڪئي، جڏهن ته خواجا رضي حيدر، طارق سبزواري، عنبرين حسيب عنبر، شائسته مفتي، وجيهه ثاني ۽ تابش زيدي سميت ٻين شاعرن ۽ اديبن پڻ شرڪت ڪئي.مشاعري دوران شاعرن جشنِ آزادي جي مناسبت سان پنهنجو ڪلام پيش ڪيو ۽ پاڪستان جي آزادي، قربانين ۽ قومي جذبن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو.

پهنجو تبصرو موڪليو