اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري يوم آزادي جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي رعايت ڏئي ڇڏي.صدر هائوس طرفان جاري بيان موجب صدر آئين جي آرٽيڪل 45 تحت سزان ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سزان ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه ٿيندي.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سزان ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦرلٽ، اغوا، دهشتگردي، مالياتي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارن ڏوهن تي لاڳو نه ٿيندي.ايوان صدر چيو ته سزا ۾ گهٽتائي انهن ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندي جن کي فارين پرسنز ايڪٽ 1946 ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022 تحت سزا مليل آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزا ۾ گهٽتائي 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدين جي هڪ ٽيون، 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين تي به لاڳو ٿيندي.ان کان علاوه سزا ۾ گهٽتائي انهن عورتن تي به لاڳو ڪئي ويندي جن ۾ ٻارن سان گڏ جيل ۾ قيد عورتن ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن پنهنجي سزا جو ٽيون حصو پورو ڪيو هجي.










