مٺي(ن سنڌيار)ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن سان انصاف نه ٿيو گذريل 18مھينن کان پگھارون نه مليون جڏھن ته آر اوپلانٽ جي 13ڪروڙ بجيٽ ھوندي به ملازمن کي عيد جھڙي خوشي جي موقعي تي پگھارون جاري نه ڪيو ويون ملازمن سخت پريشان حال آھن گھرن م بک ۽ بدحالي واري صورت حال کان سوائي ڪجھ به نه آھي ٻي پاسي مزدورن جو عالمي ڏياڙو نثار کھوڙو ريلي جي صورت م ملھائي رھيو آھ نگرپارڪر ۽ مٺي م شرم اچڻ گھرجي جڏھن ته ھي آروپلانٽ جا ملازم 24ڪلاڪ آروپلانٽ تي ڊيوٽي ڪرڻ باوجوده به پگھارن لا۽ روڊن تي دربدر آھن پگھارون نه پيون ڏنيون وڃن پو عالمي ڏياڙو ڇا جو ٿو ملھايو وڃي ٻئي پاسي اوسلو ڪمپني جو جو ٺيڪو به ختم ٿي ويو اوسلو ڪمپني ٿر م ڪنھن به آروپلانٽ جو ڪم نه ڪيو سڀ آروپلانٽ غيرفعال بڻيل آھن ڪروڙين رپيا ڪمپني ڳڙڪائي وئي ڪير پڇڻ وارو ناھي جڏھن ته آروپلانٽ جي آپريٽر عرفان جميل خدابخش ڪوير ۽ ٻين آپريٽرن دانھيندي CMسنڌ مراد علي شاھ بلاول ڀٽو صاحب ۽ ٿر جي چونڊيل نمائندن کي ھٿ ٻڌي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جون رھيل پگھارون جلد جاري ڪري مستقبل لا۽ پڪو ڪيو وڃي ٺيڪيدار نظام ختم ڪيو وڃي.










