آرٽسٽ عرفان احمد جي پهرين سولو نمائش ’’سفرِ خيال‘‘ جي تقريب

آرٽسٽ عرفان احمد جي پهرين سولو نمائش ’’سفرِ خيال‘‘ جي تقريب

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ معروف آرٽسٽ عرفان احمد جي پهرين سولو پينٽنگ نمائش ’’سفرِ خيال‘‘ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ناصر جنجوعه پڻ موجود هو. نمائش جو انعقاد اسٽوڊيو سرائي، فيز VI، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪراچي ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ چيو ته آرٽ ۽ ثقافت ئي معاشري جي فڪري ۽ تخليقي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. نوجوانن ۽ اڀرندڙ آرٽسٽن جي حوصلا افزائي ۽ انهن جي آرٽ کي ئي اجاگر ڪرڻ هڪ مثبت ۽ تخليقي معاشري لاءِ ضروري آهي. هن آرٽسٽ عرفان احمد کي سندس پهرين سولو نمائش جي انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي سندس فنڪارانه سفر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ’’سفرِ خيال‘‘ جي عنوان سان منعقد ٿيل نمائش ۾ عرفان احمد جون تخليق ڪيل مختلف پينٽنگس پيش ڪيون ويون، جن کي آرٽ سان لاڳاپيل ماڻهن، فن جي شوقينن، ڪليڪٽرس ۽ نقادن پاران ساراهيو ويو. اها نمائش 5 کان 9 سيپٽمبر 2026 تائين جاري رهندي، جتي عوام ۽ آرٽ جي شائقين کي فنڪار جي تخليقي ڪم کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو ملندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو