آرمي چيف سان افغان پرڏيهي وزير  جي ملاقات،گڏيل حمايت جو عزم

آرمي چيف سان افغان پرڏيهي وزير جي ملاقات،گڏيل حمايت جو عزم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي، بارڊر مينيجمينٽ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ موجوده سيڪيورٽي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ ميڪنزم کي بهتر بڻائڻ تي غور ڪيو ويو.آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌائڻ ضروري آهي.آءِ ايس پي آر موجب افغان پرڏيهي وزير افغان عوام لاءِ پاڪستان جي روايتي حمايت کي ساراهيو. امير خان متقي چيو ته هو علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف افغان عبوري حڪومت جي مڪمل حمايت ۽ عزم جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.قائم مقام افغان پرڏيهي وزير افغانستان جي عوام لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ افغانستان ۾ امن ۽ ترقي لاءِ پاڪستان جي سهڪار جو اعتراف ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مسئلن جي حل لاءِ رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو