آرمي چيف جنرل عاصم منير اهم دوري تي برطانيه پهچي ويو

آرمي چيف جنرل عاصم منير اهم دوري تي برطانيه پهچي ويو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير اهم دوري تي برطانيا پهچي ويو آهي.جنرل عاصم منير برطانوي اختيارين سان سڪيورٽي جي اسٽريٽجڪ معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، جنرل عاصم منير کي بچاءَ واري وزارت برطانيا جي دوري جي دعوت ڏني آهي.ذريعن تصديق ڪئي آهي ته جنرل عاصم منير جو برطانيه جو دورو 5 ڏينهن تائين جاري رهندو، آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل عاصم منير جو هي پهريون برطانيا جو دورو آهي.جنرل عاصم منير پنجين برطانيه پاڪ استحڪام ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، پاڪ استحڪام ڪانفرنس 5 کان 8 فيبروري تائين ولٽن پارڪ ۾ ٿيندي، ڪانفرنس جو موضوع علائقائي استحڪام جي واپسي، ڏکڻ ايشيا ۾ جيو پوليٽڪس ۽ ٻين چئلينجز کي منهن ڏيڻ آهي، آرمي چيف. سر پيٽرڪ سينڊرز هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو