آرمي جي 37 برگيڊيئرن کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي

آرمي جي 37 برگيڊيئرن کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي سربراهي م ٿيل پروموشن بورڊ جي اجلاس ۾ 37 برگيڊيئرن کي ٽو اسٽار جنرل يعني ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، جن ۾ ميڊيڪل ڪور جا 12 آفيسر پڻ شامل آهن. ترقي ماڻيندڙن ۾ شمشير پرويز بٽ ، عمر مقبول، محمد عاصم خان ، غلام محمد ، محمد نديم اشرف ، امير اشفاق ڪياني، محمد امت بابر،عبدالسميع ، عمر احمد شاهه ۽ محمد شاهد صديقي شامل. محمد فرحان يوسف ، اميرالدين، محمد عرفان خان، نور ولي خان ، ڪمال انور چوڌري ، سلمان معين، نسيم انور،ملڪ امير محمد خان ، عدنان سرور ملڪ ، محمد قذافي، محمد نعيم اختر،محمد شهاب اسلم ، نديم يوسف ، فرخ شهزاد راؤ ۽ خرم نثار به شامل آهن. جڏهن ته ميڊيڪل ڪور جي افتخار احمد ستي، سيد عادل حسنين،عرفان علي مرزا ، محمد رفيق ظفر ، محمد وسيم، سهيل امين، نصير احمد، اعجاز غني، ارشد نسيم، نديم احمد رانا، مسز قمر انيس چوڌري ۽ مسز شازيه نثار پڻ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو