زمان پارڪ ۾ لڪل دهشتگرد 24 ڪلاڪن ۾ حوالي ڪرڻ جو الٽيميٽم

زمان پارڪ ۾ لڪل دهشتگرد 24 ڪلاڪن ۾ حوالي ڪرڻ جو الٽيميٽم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران سڌ سماءَ واري وزير عامر مير چيو آهي ته انٽيليجنس اطلاع آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ 30 کان 40 دهشتگردن زمان پارڪ ۾ پناهه ورتي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر مير چيو ته پي ٽي آءِ انهن دهشتگردن کي 24 ڪلاڪن اندر پنجاب پوليس حوالي ڪري ٻئي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. عامر مير چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته دهشتگردن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿيندو، 3400 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 254 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. نگران اطلاعات واري وزير چيو ته پنجاب حڪومت شرپسندن خلاف پوليس جا هٿ کليل آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندو ته ياد رکو ان کي فواد چوڌري کان به وڌيڪ تيز هلڻو پوندو. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ عورتون دهشتگردي ڀڙڪائڻ ۾ مردن کان اڳتي آهن. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ شرپسندن پاران فوجي جاين تي حملا اڳ کان رٿيل هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ نان اسٽيٽ ايڪٽر ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين گرفتاري کان اڳ ٻيهر سخت رد عمل جي ڌمڪي وارو بيان ڏنو هو. هو هڪ سال کان فوج ۽ ان جي قيادت جي توهين ڪندو رهيو. نگران حڪومت صفر برداشت واري پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حملي کي آساني سان روڪي سگهجي ٿو پر پوليس کي هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. نگران حڪومت نه ٿي چاهي ته لاش ڪرن، هاڻي پنجاب پوليس کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي وقت زمان پارڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو رابطي ۾ هئا، انهن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به اهڙو عمل نه ڪري. پي ٽي آءِ جي شرپسندن 9 مئي تي ريڊ لائين پار ڪري ڇڏي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي جي هن وائرس جو علاج ويڪسين سان نه پر سرجري سان ڪيو ويندو. هاڻي شرپسند هٿيارن جو استعمال ڪندا، پوليس به جواب ۾ هٿيار استعمال ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو