آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ اپوزيشن سان رابطي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم

آرمي ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ اپوزيشن سان رابطي لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ لاءِ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ آرمي ايڪٽ ۽ ٻين قانونن ۾ ترميم لاءِ سياسي جماعتن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ٽن سينئر وزيرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ وزير دفاع پرويز خٽڪ، پرڏيهي کاتي جو وزيرشاهه محمود قريشي ۽ رٿا بندي وارو وزير اسد عمر شامل آهن. هن ڪميٽي جي هڪ ميمبرشاهه محمود قريشي سنڌ جي گورنر ۽ پارٽي جي صوبائي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين سان گڏ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم جو ڪنوينر خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم ، عامر خان ۽ ٻين تي ٻڌل وفد سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي غير مشروط حمايت جاري رکڻ جو اعلن ڪندي چيو ته هاڻي وفاقي حڪومت مشڪل مان نڪري آئي آهي معيشت به بهتر ٿي آهي ان ڪري سنڌ جي شهري علائقن م ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي. شاهه محمود قريشي ايم ڪيو ايم کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ايم ڪيو ايم جي غير مشروط تعاون تي سندن شڪريو به ادا ڪيو. ياد رهي ته آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ بابت سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت بيان حلفي جمع ڪرايو هو ته 6 مهينن اندر هو قانون ۾ ترميم ڪندا جنهن بعد عدالت آرمي چيف جي 28 نومبر تي ختم ٿيل مدت ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو