رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بلومبرگ جي رپورٽ موجب، سعودي عرب جي سرڪاري تيل ڪمپني آرامڪو ايندڙ مهيني ايشيا لاءِ پنهنجي عرب لائيٽ خام تيل جي قيمت 11 ڊالر في بئريل گهٽ ڪندي، جنهن کانپوءِ اهو علائقائي معيار کان 1.50 ڊالر في بئريل رعايت تي دستياب هوندو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ گهٽتائي بلومبرگ جي سروي ۾ متوقع 8 ڊالر في بئريل گهٽتائي کان به وڌيڪ آهي.










