آدمشماري ڊيوٽي،اجرت نه ملي،استادن جو  احتجاج

آدمشماري ڊيوٽي،اجرت نه ملي،استادن جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) سب ڊويزن لانڍي ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندڙ استادن جو اجرت نه ملڻ خلاف اي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، سخت نعريبازي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ استادن کي پئسا ملي ويا آهن، اسان سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ڪيترائي نوان ڀرتي ٿيل استاد آهن جن کي سال کان پگهارون نه مليون آهن، عيد سر تي آهي اسان کي اسان جو جائز حق فوري طور تي ڏنو وڃي، استادن جون صحافين سان ڳالهيون، تفصيل موجب سب ڊويزن لانڍي ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ 400 کان وڌيڪ استادن کي اڃا تائين ڪنوينس الائونس سميت اجرت نه ملي سگهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪاشف لاشاري، نويد مشتاق، تنوير احمد، سعيد بٽالوي، حسن قيوم ، لبنا، مسرت، سيما، زاهدا ۽ ثنا سميت ڪيترن ئي استادن اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي سر انجام ڏيندڙ استادن کي پئسا ملي ويا آهن پر اسان اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهيون، اسان سخت ڏکيائين کي منهن ڏيندي آدمشماري جي ڊيوٽي قومي فرض سمجهي ادا ڪئي آهي، اسان سيڪورٽي جي لاءِ بار بار لکيو پر سيڪورٽي به نه ڏني وئي، اسان مان ڪيترائي استاد اهڙا آهن جن کي سال کان پگهارون به نه مليون آهن، عيد به اڄ سڀاڻي تي اچي پهتي آهي، هنن الزام هنيو ته ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته اوهان کي جلد اوهان جي اجرت ڏني ويندي جيڪا اسٽنٽ ڪمشنر ضياء الدين ادا ڪندو، سندن چوڻ هو ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جنهن اڪائونٽ ۾ آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ استادن جا پئسا اچڻا آهن اهو اڪائونٽ ئي غير فعال آهي، اسٽنٽ ڪمشنر جي لاپرواهي سبب اسان کي وقت ڪنوينس الائونس سميت اجرت نه ملي سگهي آهي، ڪنوينس جا پئسا اڳواٽ نه ملڻ سبب اسان ڳاٽي ڀڳا قرض کڻي به ڊيوٽي سر انجام ڏني آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسان استادن جي هن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺندي فوري طور تي حل ڪيو وڃي جئين استادن جي بي چيني ختم ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو