اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سمورن 8 ميمبرن نئين آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، عام چونڊون آئين جي آرٽيڪل 51 تحت شايع ٿيل آدمشماري موجب ٿينديون.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اڄ ڊگهو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم، چئني وڏن وزيرن، سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ڪائونسل نئين آدمشماري جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني.هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سمورن 8 ميمبرن نئين آدمشماري جي منظوري ڏني.قانون واري وزير چيو ته عام چونڊون آئين جي آرٽيڪل 51 تحت شايع ٿيل آدمشماري موجب ٿينديون.آئيني بحران هو جنهن کي هاڻي ختم ڪيو ويو آهي.تڪبندين جو عمل چئن مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.هن چيو ته سمورن صوبن جون سيٽون ساڳيون رهنديون، تبديلي نه ايندي.مردم شماري جا نتيجا اهڙا آهن جو سيٽن جي ورڇ تي اثر انداز نه ٿيندا.جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته نگران حڪومت کي ڪنهن آئيني احاطي جي ضرورت ناهي.اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 254 چوي ٿو ته چونڊون ڪرايون وڃن، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته چونڊون ڪرايون، جيستائين چونڊون نه ٿينديون نگران سيٽ اپ برقرار رهندو.










