سرحد(ن سنڌيار) سرحد جي ريلوي اسٽيشن ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي، آخري ٽرين روهي جو اسٽاپ به ختم ڪيو ويو، سوا لک آبادي ريلوي جي سفر کان محروم، سياسي سماجي ڌرين پاران روهي ايڪسپريس هلائڻ ۽ سرحد ۾ اسٽاپ بحال ڪرڻ جو مطالبو، خبرموجب سرحد جي شهر ۽ آس پاد جي علائقن جي هڪ لک آبادي کي مليل ريلوي جي آخري سهولت روهي ايڪسپريس جو اسٽاپ به ڪورونا وائرس جو جواز ڄاڻائي ختم ڪيو ويو آھي جنهن سبب سرحد واسي ريلوي جي سفر کان محروم بڻيل آھن، ان سلسلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شمشاد پهنوار، چيف احمد علي ملڪ، شڪيل ملڪ، محمد علي ملڪ، اختر علي مهر وزير علي مهر مستري مير مرتضيٰ راڻا رياض، ذوالفقار لکڻ، اعجاز ڀٽي، اڪبرملڪ، طاهر، عارف، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سرحد واسين کي هڪ ئي روهي ايڪسپريس جي اسٽاپ جي سهولت ڪورونا وائرس جو جواز ڄاڻائي بند ڪئي وئي آھي جنهن سبب سرحد واسي ريلوي جي سفر کان محروم آھن، هنن وزير اعظم پاڪستان، ريلوي جي وفاقي وزير ۽ ريلوي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته بنادير سرحد اسٽيشن تي روهي ايڪسپريس سميت ٻين ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪري عوام کي سفري سهولتون مهيا ڪيون وڃن.










