آبادگارن سان دوکو، 100 روپين جو ٽوڪن دڪاندار ڦٻائڻ لڳا

آبادگارن سان دوکو، 100 روپين جو ٽوڪن دڪاندار ڦٻائڻ لڳا

اوٻاوڙو(غلام علي رند) آباد گارن سان واپارين جون زيادتيون جاري، زرعي ڀاڻ جي دوڪاندارن جون ٻيگهيون لڳل، ايف ايف سي ڀاڻ فيڪٽري طرفان ڊي اي پي کاڌ جي في ٻوري تي 100 روپيه جو ٽوڪن ڏنل جيڪو دوڪان مالڪ سرعام مزدورن ذريعي ڪنڊي سان ڪڍرائي ٿو.ان موقعي تي مزدورن صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي دوڪان مالڪ في ٽوڪن ٻوري کان ڪڍڻ تي 10 روپيه مزدوري ڏئي رهيو آھي جيئن ته في ٽوڪن تي دوڪان مالڪ کي 90 روپيه في پوري تي بچت آھي اهڙو عمل هر زرعي ڀاڻ جي دوڪانن تي ھلندڙ آبادگارن کي هڪ ته زرعي دوائون نقلي ملي رهيون آهن ته ٻئي طرف ايف ايف سي ڀاڻ  فيڪٽري مان ڏنل 100 روپيه جو ٽوڪن جيڪو دوڪان مالڪ سرعام مزدورن ذريعي ڪڍرائي ٿو جنهن کان ڪو به اعليٰ عملدار پڇڻ وارو نه آھي ڊي سي گهوٽڪي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو به تماشائي بڻيل آهن اهڙا ظلم ڪيستائين آبادگارن سان ٿيندا راهندا. هنن ڊي سي گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته دڪان مالڪن خلاف نوٽيس وٺي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو