آبادگارن جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو لڳ خدا آباد شاخ جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو هنيو.خدآباد شاخ جي آبادگارن پاران پاڻي بند ڪرڻ خلاف اسرار سرڪي، مير محمد خشڪ، جاويد آرائين،ڊاڪٽر ابرار آرائين، وحيد کوکر، صاحب خان جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شاخ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته آبپاشي وارن ٻين شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ اسان جي شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسان جو لکين رپين جو فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي ۽ سڙي رهيو آهي، هنن چيو ته اسان جي شاخ جي ڪيترن ئي سالن کان کاٽي نه ٿي آهي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت کاٽي ڪرائي، زمين کيڙائڻ، ڀاڻ ٻج خريد ڪرڻ تي لکين رپيا خرچ ڪيا آهن پر اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سخت پريشان حالي جو شڪار آهيون، هنن چيو ته زراعت نه ٿيڻ سبب اسين معاشي طور تباهه ٿي ويا آهيون، کائڻ لاءِ اٽو به نه بچيو آهي، هنن چيو ته آبپاشي جو سپرنٽينڊنٽ انجنيئر چوي ٿو ته مون کي مٿان کان حڪم مليو آهي ته خداآباد شاخ جو پاڻي بند ڪري ٻين شاخن کي ان حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ٿو ، هنن مطالبو ڪيو ته جلد اسان کي پاڻي ڏئي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي تي روڊ ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو