لنڊن(ويب ڊيسڪ)ايپل پاران سيپٽمبر ۾ آئي فون 14 سيريز متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي. پر هن ڀيري نئين آئي فونز جي هڪ خاص خوبي اها آهي ته انهن ۾ اڳي کان بهتر سيلفي ڪيمرا هوندا. ايپل ڪيترن ئي سالن کان پوءِ آئي فون جي فرنٽ ڪيمرا کي اپڊيٽ ڪري رهيو آهي. مشهور تجزيه نگار منگ چي ڪيو چيو آهي ته آئي فون 11 کان پوءِ پهريون ڀيرو نئين آئي فونز ۾ فرنٽ ڪيمرا کي تبديل ڪيو پيو وڃي. ڪمپني جي تاريخ ۾ پهرين آئي فون 14 سيريز جي فونن ۾ پڻ سيلفي ڪيمرا ۾ آٽو فوڪس جي خاصيت آهي.










