لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته جيڪڏهن آئين چوي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊ ٿيڻ گهرجي ته اها اسانجي ڊيوٽي آهي ته اسين اهو چئون. اسين ان معاملي تي اکيون نٿا ٻوٽي يا جهمڪائي سگهون. اهڙو اظهار هن لاهور ۾ اقليتن جي حقن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن وزيراعظم ورجائيندي چيو آهي ته پارليامينٽ جي اختيارن ۾ ڪنهن جي مداخلت برداشت نه ڪبي. سپريم ڪورٽ 14 مئي تي پنجاب ۾ عام چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. حڪومت چوي ٿي ته 7 رڪني بينچ کان علحده ڪيل 4 جج چئي چڪا آهن ازخود نوٽيس جي ڪاروائي تي سپريم ڪورٽ کي سياسي معاملن بابت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي ۽ اقليتي 3 رڪني بينچ جو فيصلو قبول ناهي. سپريم ڪورٽ سياسي ڌرين کي هڪ ڏينهن تي پوري ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبلين جي چونڊ لاءِ ڳالهين جي مهلت ڏني، جنهن ۾ ڪو نتيجو نه نڪتو ۽ ڌرين عدالت ۾ ڳالهين بابت ڌار ڌار رپورٽون جمع ڪرايون آهن. سپريم ڪورٽ سڀاڻي سومر تي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ۽ مناسب حڪم جاري ڪندي. اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي چونڊ ڪرائڻ کي ناممڪن قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو آهي ته سپريم ڪورٽ سندن آئيني اختيارن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي.










