آئيني ترميم جو جائزو ورتو وڃي، جسٽس صلاح جو چيف کي خط

آئيني ترميم جو جائزو ورتو وڃي، جسٽس صلاح جو چيف کي خط

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي هڪ ٻئي جج چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو آهي.جسٽس صلاح الدين پنهور به چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو جنهن ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور فل ڪورٽ اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.خط جي متن موجب فل ڪورٽ اجلاس گهرائي آئيني ترميم جو شق وار جائزو ورتو وڃي، لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ عدالتي پاليسي تيار ڪندڙ ڪميٽي کي به مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي.خط ۾ چيو ويو ته 27هين آئيني ترميم اختيارن جي توازن کي خراب ڪري سگهي ٿي. آئين گهري ڪري ٿو ته سپريم ڪورٽ انهي جو تحفظ ڪري.جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي خط ۾ چيو ته تاريخ اسان جي آساني نه پر اسان جي فيصلن کي هميشه ياد رکندي. عوام جي ڀروسي کي بچائڻ لاءِ فوري طور تي فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو