صدر ۽ وزيراعظم جا سڀ حڪم عدالتي فيصلي سان مشروط آهن

صدر ۽ وزيراعظم جا سڀ حڪم عدالتي فيصلي سان مشروط آهن

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سموريون سياسي قوتون ۽ رياستي ادارا آئيني حدن موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪن جڏهن ته وزيراعظم ۽ صدر جا سمورا حڪم سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندا. اڄ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ رد ڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيل سياسي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ملڪي صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن شامل هئا. سپريم ڪورٽ رياستي ادارن کي آئين کان مٿانهان قدم کڻڻ کان روڪيندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ امن قائم ٿيڻ گهرجي، ڪو به آئيني حدن کان ٻاهر ڪم نه ڪري. عدالت ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ کنيل قدمن تي گهرو ۽ دفاع جي کاتن جي سيڪريٽرين کي نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي ته هو ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال يقيني بڻائين ۽ عدالت کي آگاهه ڪن. ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي عدالت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ان معاملي بابت سڀني جي موقف ٻڌڻ بعد فيصلو ڪبو. چيف جسٽس چيو ته رمضان شريف آهي، ٻڌڻي وڌيڪ نٿا ڪريون، سڀاڻي سومر تي هڪ وڳي هي ڪيس ٻڌنداسين. چيف جسٽس چيو ته ڪو به سرڪاري ادارو غير آئيني ڪم نه ڪندو، ان صورتحال مان سموريون سياسي پارٽيون ۽ حڪومتي ادارا فائدو نه وٺندا. چيف جسٽس پيپلزپارٽي جي درخواست تي صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي قدمن جو جائزو وٺندي. ان دوران چيف جسٽس چيو ته پاڻمرادو نوٽيس ۾ صدر کي ڌر بڻايو ويو آهي، 63 اي جي صدارتي ريفرنس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي ويندي، هي انتهائي اهم معاملو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هو پنهنجي اختيار کان ٻاهر قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهن. ان موقعي تي اعظم نذير تارڙ چيو ته اياز صادق اسيمبلي جي ڪارروائي هلائي، 200 کان وڌيڪ ميمبرن بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ۾ حصو ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته جذباتي ڳالهه نه ٿيندي، آئين کي ڏسڻو پوندو. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ بار ۽ سياسي پارٽين کي پاڻمرادو نوٽيس ۾ ڌر بڻجڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ججن کي صورتحال جي خبر آهي ان ڪري وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. اپوزيشن ۽ وڪيل اڳواڻن جي اپيل بعد آچر تي سپريم ڪورٽ جا تالا کوليا ويا، گڏيل اپوزيشن پاران وڪيلن اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيراعظم ۽ صدر جي فيصلن کي غير آئيني قرار ڏيڻ ۽ آئين موجب عدم اعتماد جي رٿ تي قانون موجب عمل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. پٽيشن ۾ غير آئيني اپاءَ وٺندڙن خلاف قانون مطابق ڪاروائي ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال به موڪل واري ڏينهن عدالت پهچي ويو آهي ۽ چيف جسٽس ساٿي ججن جي مشوري بعد از خود نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري عدم اعتماد جي رٿ کي غير آئيني قرار ڏئي اجلاس ملتوي ڪيو، عمران خان قوم کي خطاب ڪندي صدر کي اسمبلي ٽوڙڻ جي صلاح ڏني ۽ صدر عارف علوي اسمبلي ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو