اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آءِ پي پيز جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس رانا محمود الحسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار طرفان ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي.چيئرمين نيپرا چيو ته سڀ کان ڏکيو ڪم حڪومت، بجلي ڪمپني ۽ صارفين وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ آهي، هاڻي بجلي پيدا ڪرڻ جا نوان پلانٽ نه پيا اچن، آڪٽوبر، نومبر کان ڪمرشل مارڪيٽون کولڻ شروع ٿي ويون آهن. صارفين کي پنهنجي پسند جي ڪمپني کان بجلي وٺڻ جي اجازت هوندي.وسيم مختار چيو ته اسان سڀني غلطي ڪئي، 2007 کانپوءِ بجلي جي کوٽ هئي، 2013-14 ۾ چين جي سهڪار سان پاور پلانٽ لڳايا ويا.اسان سوچيو ته جي ڊي پي 6 سيڪڙو هوندي. هن حساب ۾ بجلي شامل ڪئي،اسان پنهنجي جذبي ۾ حد کان وڌيڪ گنجائش ۾ ويا آهيون، اسان جي طلب ۾ گهٽتائي هئي.هن چيو ته بجلي جي کوٽ سبب اسان ڪمپنين کي مراعات ڏنيون هيون، پلانٽ لڳائڻ وارين ڪمپنين کي ڊالر ۾ مراعات ڏنيون هيون، اسان جي رپئي جو قدر مستحڪم ناهي، ان ڪري سيڙپڪار ڊالر ۾ ادائيگي جو مطالبو ڪن ٿا.هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي اعتماد ڏئي ۽ معاشي حالتون مستحڪم رکي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي.سينيٽر عبدالقادر چيو ته آءِ پي پيز اوور پرائسنگ ڪري پئسا ٺاهيا، هنن 10 سالن ۾ پيسا ٺاهيا آهن، فرانزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي سخت نگراني به ٿيڻ گهرجي.چيئرمين ڪميٽي رانا محمود الحسن چيو ته ماڻهو اسان جون ڳليون پڪڙي رهيا آهن، آءِ پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته سينيٽر سيف الله نيازي چيو ته ان معاملي تي الڳ اجلاس ڪريون ٿا.










