آءِ پي پيز جو جائزو وٺون پيا ، جلد عوام کي خوشخبري ملندي

آءِ پي پيز جو جائزو وٺون پيا ، جلد عوام کي خوشخبري ملندي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن تي ٽاسڪ فورس چيئرمين ۽ وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته ڪالهه بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ٿي پر اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته ڪالهه خبر هلي ته 2 رپيا ڪجهه پيسا بجلي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه پر 77 پيسا گهٽتائي ٿي آهي، ڪجهه عنصر مايوسي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پروپيگينڊا ڪري عوام کي غلط تاثر ڏنو پيو وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڀني آءِ پي پيز جو جائزو وٺي رهيا آهيون، توانائي جي شعبي جا مسئلا حل ڪنداسين. عوام کي ايندڙ ڏينهن ۾ خوشخبري ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو