واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايپل ڪمپني آءِ فون ۽ آءِ پيڊ آپريٽنگ سسٽم جي لاءِ نئين اپڊيٽ 105.14.5 جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايپل هن نئين اپ ڊيٽ ۾ ڪجهه منفرد پر تڪراري فيچر شامل ڪيا آهن ڪنهن فيچر کي فيس بڪ جي طرفان تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي ته ڪنهن فيچر کي ڊيزائن ڪاپي ڪرڻ جي الزام کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ايپل پنهنجي نئين آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪورونا 19 جي حوالي سان هن اهم فيچر جو اضافو ڪيو آهي. هاڻ ايپل استعمال ڪندڙ ماسڪ لاهڻ کان سواءِ ئي پنهنجي فون کي ان لاڪ ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ جي آپريٽنگ سسٽمز ۾ ايپل جو چهري جي سڃاڻپ لاءِ فنڪشن ان وقت ڪم نه ڪندو هو جڏهن استعمال ڪندڙ ماسڪ پائي رکيو هجي.ايپل موجب هن نئين فيچر کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ ايپل گهڙي به اوهان جي ٻانهن تي ٻڌل هجڻ گهرجي. استعمال ڪندڙ کي صرف پنهنجي موبائل جي ڪيمري ۾ ڏسڻو پوندو ۽ کيس ايپل واچ تي پيغام ملي ويندو ته اوهان جو آءِ فون ان لاڪ ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه ايپ ٽريڪنگ ٽرانسپيرينسي جي هن نئين فنڪشن ۾ استعمال ڪندڙ کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ٽيڪنالاجي ڪمپنين خاص طور فيس بڪ وغيره کي پنهنجي آن لائن سرگرمين کي ٽريڪ جي اجازت ڏيڻ چاهي ٿو يا نه. جيئن ئي استعمال ڪندڙ نئين ايپ استال ڪندو. فورن ئي هڪ پوپ اپ کلي ويندو ته اوهان مذڪوره ايپ کي پنهنجي آن لائن سرگرمين کي ٽريڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو يا نه.فيس بڪ ۽ اهڙي طرح جون ٻيون ڪمپنيون صارفين کي سرگرمين تي ٻڌل ڊيٽا جي بنياد تي ئي ٽارگيٽيڊ اشتهار تخليق ڪنديون آهن اهوئي سبب آهي ته فيس بڪ ايپل جيان هن نئين تبديلي جي کلي عام مخالفت ڪري چڪو آهي ڇو ته فيس بڪ جيترو گهٽ اوهان جي باري ۾ ڄاڻندو ان کي اشتهارن جي مد ۾ اوترا ئي پئسا گهٽ ملندا.
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري
هٿيار اسمگل ڪيس، 7 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور
خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا
ڏوهن جي سرپرستي، 34 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار معطل
سکر جي ڪچي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي
عوام کي رليف نه پيو ملي، ڇا سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏينداسين
پاڪستان انساني حقن بابت آمريڪا جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي
سعودي بابت بيان تي عمران خان ڇنڊ پٽي: شير افضل
نسله ٽاور جي زمين وڪرو ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيو
وڏ وزارت جو عهدو آسان ناهي، باهه جي درياءَ تان گذري آهيان
بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر عبدالخالق بحال
خان ۽ بشريٰ کي رياستي ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ جو حڪم