دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو ساليانو اجلاس 19 کان 22 جولاءِ تائين ڪولمبو ۾ ٿيندو.سريلنڪا ڪرڪيٽ آءِ سي سي جي سالياني اجلاسن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪائونسل جو ساليانو اجلاس پهريون ڀيرو ايشيا ۾ ٿي رهيو آهي.سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب آءِ سي سي جي اجلاس ۾ 108 ميمبر ملڪن مان 220 ميمبر شرڪت ڪندا، جنهن ۾ لاس اينجلس اولمپڪس 2028ع ۾ ڪرڪيٽ جي شموليت بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چيئرمين محسن نقوي ۽ سي اي او پي سي بي سلمان نصير سالياني اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا.پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ سلمان نصير 18 جولاءِ تي سريلنڪا روانو ٿيندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي اجلاس ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي اپڊيٽ تي غور ويچار جو امڪان آهي.










