ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ کي 4 ڏينهن جو اختيار ڏيو، منهنجي ڪوآرڊينيشن سان 5هين ڏينهن ڪو به اسٽريٽ ڪرائم نه ٿيندو.ڪراچي ۾ 17هين سحري جي موقعي تي نارٿ ناظم آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته شهر ۾ گورنر هائوس جي ٻاهران لڳايل بينر هٽايا ويا آهن.هن چيو ته مون کي هڪ پيغام آهي، هاڻي توهان روڪيو، ڪافي ٿي ويو، هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.گورنر سنڌ چيو ته هن ايم ڊي ايس ايس جي سي کي گئس جي بندش تي عوام جي ردعمل کان آگاهه ڪيو آهي.ايم ڊي ايس ايس جي سي کي چيو آهي ته گئس نه هجڻ تي بل نه موڪليا وڃن.ڪامران ٽيسوري چيو ته عوام گئس جا بل گورنر هائوس ۾ جمع ڪرائين، اهي صفر ٿي ويندا.










