ڪراچي: (اسٽاف پورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيل منور علي شاهه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال منور شاهه کي آءِ جي جيل جو عارضي چارج ڏنو هو جنهن کي پهرين نومبر تي مستقل چارج ۾ تبديل ڪيو ويو هو. موجوده آءِ جي جيل مان به سينئر آفيسر موجود آهن ۽ اها انهي جي حق تلفي آهي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آءِ جي جيل جو عهدو 21 گريڊ جو آهي ۽ منور علي شاهه 20 گريڊ جو آفيسر آهي. عدالت درخواستگذار جو موقف مڃيندي آءِ جي جيل منور شاهه جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
مشهور خبرون










