آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدي ۾ غير معمولي اڳڀرائي

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ معاهدي ۾ غير معمولي اڳڀرائي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) مشن ۽ پاڪستاني اختيارين اسٽاف ليول معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ ايم ايف پاران ان جي تصديق ڪئي وئي، جنهن مطابق آءِ ايم ايف ٽيم 24 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۽ اسلام آباد جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت جي ٻئي جائزي ۽ رزليئنس تي پهرين جائزي لاءِ شرڪت ڪئي، آءِ ايم ايف موجب جائزي ۾ اسٽاف ليول معاهدي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، بيان موجب، ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي، جن ۾ مالي نظم و ضبط برقرار رکندي ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حمايت، اسٽيٽ بينڪ جي هدف اندر افراط زر کي برقرار رکڻ لاءِ محتاط مالي پاليسي شامل آهي.ان کان علاوه، توانائي شعبي ۾ سڌارا ۽ سرڪاري ادارن جي دائري کي گهٽائڻ، گڏوگڏ شفافيت ۽ گورننس کي مضبوط ڪرڻ، پڻ ڳالهين جو حصو هئا.آءِ ايم ايف چيو ته باقي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو